اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاون جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان پڻ آ??اه?? ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلين جي چئلينج جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن.
متعلقہ مضامین
-
Murad calls for equitable financial resource distribution for growth
-
UNSC holds emergency session on Pak-India tensions after pahalgam attack
-
گیٹس آف اولمپس آفیشل گیم پلیٹ فارم کا جامع تعارف
-
Qianche Official Entertainment - تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
Nation to celebrate 76th Pakistan Day today
-
Senate body mulls banning inaam shows from next Ramazan
-
Dar asks Imran to adopt responsible attitude
-
New CM Sindh elections to be held on July 29
-
CTD foils terror bid in Peshawar, apprehends alleged suicide bomber
-
Brahamdagh untrustworthy figure even in Balochistan
-
Heavy fog disrupts flight schedule in Karachi
-
ورجینیا الیکٹرانک انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ پورٹل کی جدید خدمات