اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪا??ون??ل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر، احسن اقبال سيڪ??يٽ??ي جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پارٽي جي مرڪزي سيڪ??يٽ??ي اطلاعات جڏهن ته اسحاق ڊار کي اوورسيز جو صدر چونڊي ورتو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪا??ون??ل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، راجا محمد ظفرالحق، انجني??ر امير مقام، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان، شاهه غلام قادر سميت چئني صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نائب صدرن ۽ ٻين عهديدارن کانسواءِ وڏي انگ ۾ سڄي ملڪ مان پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انٽرا پارٽي اليڪشن جي چيئرمين سردار محمد يوسف جنرل ڪا??ون??ل پاران چونڊيل پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪندي چيو ته جنرل ڪا??ون??ل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊيو آهي جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر هوندي. احسن اقبال سيڪ??يٽ??ي جنرل، مريم اورنگزيب سيڪ??يٽ??ي اطلاعات، عطاءُ الله تارڙ ڊپٽي سيڪ??يٽ??ي جنرل هوندو. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪا??ون??ل مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ پارٽي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي. قرارداد ذريعي والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.
متعلقہ مضامین
-
Prince Karim Aga Khan IV laid to rest in Egypt’s Aswan
-
Karachiites deprived of 3,773 bikes, 1,402 mobile phones in Feb: CPLC
-
UMT becomes Pakistan’s first university to establish virtual campus
-
‘Saudi Arabia has granted additional 10,000 slots for private Hajj scheme’
-
Violent protest erupts in Karachi over Canal project
-
انسٹنٹ میسجنگ گیمز آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Dog House Official Entertainment Website Ka Taaruf
-
لکی ربٹ کریڈیبل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس
-
Govt determined to overcome energy crisis, terrorism: Shehbaz
-
President seeks increase in budget for research, development
-
EU lawmakers appreciate rights protection in Pakistan
-
Is Putin a new tsar?